سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابيءَ تي پي سي بي چيئرمين باغ بهار

لاهور (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابيءَ تي پي سي بي چيئرمين شهريار خان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن. شهريار خان چيو ته ميچ جو پهريون ڏينهن زيان ٿيڻ باوجود ٽيم بهترين راند جو مظاهرو ڪيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان جو چوڻ هو ملڪي ٽيم سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ راند جي هر شعبي ۾ لنڪا کي شڪست ڏني. اسد شفيق، سرفراز احمد، ذوالفقار بابر، وهاب رياض ۽ خاص طور تي ياسر شاهه پاڪستان جي کٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو پراميد آهي ته ٽيم سيريز جي ايندڙ ميچن ۾ به ايئن پرفارم ڪندي رهندي. ٻئي طرف پي سي بي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي سربراهه نجم سيٺيءَ ٽيم کي مبارڪ ڏيندي چيو ته سريلنڪا خلاف کٽڻ تي ڪپتان مصباح الحق ۽ ٽيم جي سمورا رانديگر مبارڪن جا لائق آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *