سريلنڪا جي پاڪستاني دوري جا امڪان وڌي ويا:پي سي بي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۾ زمبابوي جي ٽيم جي دوري تي اچڻ ڪري عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿيڻ بعد  هاڻي ٻين ملڪن کي  ڏيهه آڻڻ جو ڪوششون تيز ٿي ويو آهن، ان ڏس ۾ پي سي بي (پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ) ذريعن ڄاڻايو آهي ته سريلنڪا جي پاڪستاني دوري جا امڪان وڌي ويا آهن، ميڊيائي رپورٽن موجب سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ جو وقتي چيئرمين سڌارٿ ويٽمني 29 مئي تي پاڪستان جو دورو ڪندو. سريلنڪائي ڪرڪيٽ عهديدار  پنهنجي دوري تي پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٿيل سيريز لاءِ ڪيل انتظامي معاملن ۽ حفاظتي انتطامن جو جائزو وٺندو، سندس مطمئن ٿيڻ بعد سريلنڪائي ٽيم پاڪستان اچي سگهندي، ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته زمبابوي ۽ پاڪستان وچ سيريز لاءِ ڪيل انتظام عالمي درجي جا آهن ان ڪري اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته سريلنڪائي  ٽيم پاڪستان اچڻ تي راضي ٿي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *