سريلنڪا جي دوري لاءِ پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان، احمد شهزاد جي واپسي

لاهور(اسپورٽس نيوز): پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪا جي دوري لاءِ 15 رڪني ٽيسٽ ٽيم جو اعلان ڪيو آهي، جوشيلي بيٽسمين احمد شهزاد جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، جڏهن ته راحت علي ۽ سهيل خان فٽنيس ٽيست پاس نه ڪري سگهيا. پي سي بي پاران ٽيسٽ ٽيم جو اعلان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويو آهي، ٽيم جي ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان مصباح الحق، محمد حفيظ، شان مسعود، اظهر علي، يونس خان، اسد شفيق، حارث سهيل، سرفراز احمد، ياسر شاهه، ذوالفقار بابر، وهاب رياض، جنيد خان، عمران خان ۽ احسان عادل آهن، پي سي بي سليڪشن ڪاميٽي مطابق ليفٽ آرم فاسٽ بالر راحت علي ۽ نوجوان پيسر سهيل خان فٽنيس ٽيسٽ پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا، جنهن ڪري کين ٽيم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *