سريلنڪا جي اڳوڻو اوپنر پنهنجي پاڪستاني دوري دوران نٿيا گلي پهتو

مري (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا جي اڳوڻو اوپنر پنهنجي پاڪستاني دوري دوران نٿيا گلي پهتو ۽ خوشگوار موسم جو مزو ورتائين. سريلنڪن ڪرڪيٽ جي ليجنڊ ڪرڪيٽر سناٿ جي سوريا پاڪستان جي تفريحي هنڌن تي گهمڻ لاءِ آيل آهي، سريلنڪا جي اڳوڻي اوپنر جي سوريا اڄ ڪلهه اسپورٽس سفير جي حيثيت ۾ پاڪستان آيل آهي. جي سوريا سياحتي هنڌ نٿيا گلي پهتو، جتان جي بهترين موسم مان مزو ورتائين. اڳوڻي ڪرڪيٽر سريلنڪا ٽيم سان به ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪري چڪو آهي، بالرن جي لاءِ دهشت جي علامت جي سوريا سريلنڪا ۾ صوبائي ڪائونسل ۽ ڳوٺاڻي ترقي جو ڊپٽي منسٽر پڻ آهي. سناٿ جي سوريا کاٻي هٿ سان اوپنر بيٽسمين هو جنهن سريلنڪا جي نمائندگي ڪندي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 6 هزار ۽ ون ڊي ۾ 3 هزار رنسون اسڪور ڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *