سرفراز اڄ به دوکو نه ڏنو، پاڪستان آئرلينڊ کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو

ايڊليڊ(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ جي آخري ۽ فيصلائتي گروپ ميچ ۾ سرفراز احمد جي سينچري جي مدد سان پاڪستان آئرلينڊ کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو، ايڊليڊ اوول گرائونڊ ۾ کيڏي ويندڙميچ ۾ آئرش ڪپتان وليم پورٽرفيلڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته آئرش ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 237 رنسون ٺاهي پويلين واپس هلي وئي جنهن جي جواب ۾ گرين شرٽس هدف 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، اوپننگ بيٽسمين احمد شهزاد ۽ سرفراز احمد پهرين وڪيٽ تي 120 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪندي ٽيم کي سٺي شروعات فراهم ڪئي جڏهن ته شهزاد 7 چوڪن جي مدد سان 63 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جنهن کانپوءِ نئين ايندڙ بيٽسمين حارث سهيل 3 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو ڪپتان مصباح الحق ۽ سرفراز احمد ٽئين وڪيٽ تي 82 رنسون جوڙيون ئي هيون ته 208 رنسن جي مجموعي اسڪور تي مصباح الحق وڪيٽ تي پنهنجو ئي پير لڳڻ سبب آئوٽ ٿيووي ۽ هو 39 رنسون ٺاهي سگهيو، وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد آئرش بالرن جي سٺي خاطر توازهه ڪئي ۽ 5 چوڪن جي مدد سان سينچري اسڪور ڪئي جڏهن ته ميگا ايونٽ ۾ گرين شرٽس طرفان اها ڪنهن به بيٽسمين جي پهرين سينچري آهي. ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي سرفراز احمد کي مين آف دي ميچ جي اعزاز سان نوازيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *