سخي تاج محمد شاهه جي عرس جي موقعي تي ملاکڙو

جھڏو (اسپورٽس نيوز) جھڏي جي مشهور بزرگ سخي تاج محمد شاهه جي عرس جي موقعي تي ملاکڙي ۾ پهلوان جان محمد بگٽي نور احمد سان مقابلو ڪيو. غلام فريد شاهاڻي، محمد خاصخيلي کي ۽ لالو لاشاري، علي محمد هالائي مقابلا کٽي ورتا ۽ شوقينن کان داد حاصل ڪيو. ملاکڙي جا کٽيندڙ اڄ پاڻ ۾ ملاکڙو وڙهندا. ملاکڙو وڌيڪ ٻه ڏينهن جاري رهندو. ملاکڙي جو ڪمپيئرنگ اڳوڻو مشهور ملهه پهلوان آچر هري ڪري رهيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *