سال ۾ ٻيون ڀيرو سلو اوور ريٽ، انگلش ڪپتان ايلسٽر ڪڪ هڪ ميچ لاءِ معطل

دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) انگلش ٽيم جي ڪپتان ۽ اوپننگ بيٽسمين ايلسٽر ڪڪ کي سلو اوور ريٽ سبب هڪ ميچ لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي. معطلي سبب ڪڪ سري لنڪا خلاف 7 ڊسمبر تي رٿيل ون ڊي ميچ نه کيڏندو ۽ سندس جاءِ تي ايوان مورگن وقتي ڪپتان جون ذميواريون سنڀاليندو. آءِ سي سي ميچ ريفري ڊيوڊ بون طرفان جاري ڪيل بيان مطابق انگلش ٽيم سري لنڪا خلاف کيڏيل سيريز جي ٽئين ون ڊي ميچ ۾ مقرر وقت ۾ اوورز مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *