ساف وومين فٽبال چيمپيئن شپ 11 نومبر کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي اهتمام هيٺ ساف وومين فٽبال چيمپيئن شپ 11 نومبر کان جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي. ميڊيا ڪميٽي جي چيئرمين محمد عرفان خان نيازي ٻڌايو ته چيمپيئن شپ ۾ 8 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺنديون جن ۾ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، افغانستان، مالديپ، نيپال، سريلنڪا، ڀوٽان شامل آهن. اها چيمپيئن شپ 22 نومبر تائين جاري رهندي. ان سلسلي ۾ تياري جا انتظام جاري آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *