ساف وومين فٽبال چيمپيئن شپ ۾ اڄ وڌيڪ ٻه ميچون کيڏيون وينديون

اسلام آباد (اسپورٽس نيو) ساف وومين فتبال چيمپيئن شپ ۾ اڄ خميس تي وڌيڪ ٻه ميچون جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ کيڏيون وينديون. پهرين ميچ ڀارت ۽ مالديپ جي ٽيمن وچ ۾ ڏينهن جو 11 وڳي شروع ٿيندي جڏهن ته ٻين ميچ افغانستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ منجهند جو اڍائي وڳي کيڏي ويندي. ياد رهي ته چيمپيئن شپ ۾ ڪل 8 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ ڀارت، مالديپ، افغانستان ۽ بنگلاديش آهن جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، سريلنڪا، ڀوٽان ۽ نيپال جون ٽيمون شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *