ساف وومين فٽبال چيمپئن شپ ۾ ميزبان پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ نيپال خلاف اڄ کيڏندو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز)جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ جاري ساف وومين فٽبال چيمپئن شپ ۾ ميزبان پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ نيپال جي خلاف(اڄ) جمعي واري ڏينهن منجهند جو اڍائي وڳي کيڏندو. ان چيمپئن شپ ۾ 8 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. واضع رهي ته قومي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ۾ سريلنڪا هٿان سخت مقابلي کان 1-2 گول تان شڪست ٿي جڏهن ته نيپال جي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ۾ ڀوتان جي خلاف هڪ وڏي مارجن 0-8 تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *