زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڪيويز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

هراري(اسپورٽس نيوز) زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. زمبابوي جي شهر هراري ۾ کيڏل ٽن ميچن جي سيريز جي پهرئين ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي پنجاهه اوورن ۾ 303 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. نيوزيلينڊ پاران روس ٽيلر 112 ۽ وليمسن 97 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم گھربل ٽارگيٽ 49 هين اوور ۾ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي. زمبابوي پاران گريگ ايرون 130 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته مساڪاڊزا 84، ڇيڀابا 42 رنسن سان نمايان رهيا. ايرون کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، زمبابوي کي ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ٻڙيءَ جي مقابلي ۾ هڪ ميچ جي سرسي حاصل ٿي وئي آهي. ٻنهي ٽيمن ۾ ٻيون ون ڊي ميچ اڱاري تي کيڏيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *