رٽائرمينٽ جو فيصلو حتمي آهي هاڻ تنقيد ڪندڙ خوشيون ملهائن ۽ مٺايون ورهائن: مصباح الحق

لاهور(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو حتمي آهي ۽ واپسي جو ڪوبه ارادو ناهي ان لاءِ ان تي تنقيد ڪندڙ خوشي ملهائن ۽ مٺايون ورهائن، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ اسان جي بيٽنگ ۽ فيلڊنگ خراب رهي، بيٽنگ لائن اپ ۾ سنجيدگي نه آئي ۽ اسان جا بيٽسمين وڏي اننگز نه ٿا کيڏي سگهن ان لاءِ بيٽنگ تي گهڻي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڪوارٽر فائنل تائين بالرن پهچايو جن ڪوارٽر فائنل ۾ به سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ٽيم ڪاميابي لاءِ پنهنجي طرفان بهترين راند پيش ڪئي جڏهن ته اسان چانس مس ڪيا جنهن سبب اسان ميگا ايونٽ ۾ اڳتي نه وڃي سگهياسين ٽيم بابت هر شئي جي ذمياوري مون تي وڌي ويندي آهي حالانڪه ڪجهه به غلط ٿي رهيو هو ته ان جو ذميوار مان اڪيلو نه هوس پاڪستان جي ڪرڪيٽ مون ختم نه ڪئي ۽ نه ئي سريلنڪن ٽيم تي حملو مون ڪرايو پر الزام هميشه مون تي ئي لڳايو ويندو آهي ورلڊ ڪپ جون شروعاتي 2 ميچون هارائڻ کانپوءِ تمام گهڻو دٻاءُ هو ان لاءِ ايندڙ ميچن ۾ اسٽرائيڪ ريٽ گهٽ رهيو، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته ٽيم جي چونڊ ۾ ڪپتان جو ڪوبه ڪردار ناهي ٽيم سليڪشن لاءِ ڪپتان کان راءِ ورتي ويندي آهي پر هو ڪا اٿارٽي ناهي جڏهن ته سرفراز احمد سان اسان جو ڪوبه اشو نه هو ان کي اسان گڏيل عرب امارات ۾ آزمايو جڏهن ته پهرين 5 ميچن ۾ هو تمام مشڪل ۾ نظر آيو ۽ شروع ۾ ايڊجسٽ نه پئي ڪري سگهيو شاهد آفريدي جي حوالي سان هن چيو ته شاهد آفريدي ٽيم ۾ واحد آل رائونڊر آهي جنهن جي جاءِ تي کيڏائڻ لاءِ اسان وٽ ڪوبه متبادل نه هو جڏهن ته ڇهين، ستين نمبر تي ان کي کيڏائڻ اسان جي مجبور هئي، مصباح الحق چيو ته ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو حتمي آهي ۽ واپسي جو ڪوبه ارادو ناهي، ان لاءِ ان تي تنقيد ڪندڙ خوشي ملهائين ۽ مٺايون ورهائن هن چيو ته اسان سان گڏ کيڏندڙ ڪجهه رانديگرن جو ڪمينٽري ڪندي خراب رويو هوندو آهي ٽيم جي نمائندگي ڪندڙ لفظن جو بي رحماڻو استعمال ڪن ٿا، جنهن سان لڳي ٿو هت انهن جي اخلاقي تربيت ئي ناهي ٿي ۽ جنهن کي ڪوبه ڪم نه ٿو ملي اهو ايڪسپرٽ بڻجي وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *