راولپنڊي ڊسٽرڪٽ اي ڊويزن فٽ بال ليگ، يو ايس جي سي ڪلب ۽ الحمرا ڪلب وچ ۾ ميچ برابر

راولپنڊي (اسپورٽس نيوز)راولپنڊي ڊسٽرڪٽ فٽ بال ايسوسيئيشن جي اهمتام هيٺ جاري روالپنڊي ڊسٽرڪٽ اي ڊويزن فٽ بال ليگ ۾ يو ايس جي سي ڪلب ۽ الحمرا ڪلب جي ٽيمن وچ ۾ ميچ 1-1 تان برابر رهي، ميونسپل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ليگ ميچ ۾ وقفي تائين يو ايس جي سي ڪلب کي 0-1 گول تان ڪاميابي حاصل ٿي، ٻئين هاف ۾ الحمرا ڪلب جي ٽيم ميچ برابر ڪيو. راند جي پهرين اڌ جي 12هين منٽن ۾ يو ايس جي سي ڪلب طرفان بلال گول ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. جنهن کي ٻئين اڌ جي 23هين منٽن ۾ الحمرا ڪلب جي راجا قيصر گول ڪري ميچ 1-1 تان برابر ڪئي، جيڪا ميچ جي پڄاڻي تائين جاري رهي. اهڙي طرح ميچ برابر کيڏڻ جي صورت ۾ ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ملي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *