راجر فيڊرر ۽ اينڊي مري پيرس ماسٽرز ٽينس ٽورنامينٽ جي ٽئين رائونڊ ۾ پهچي ويا

پيرس (اسپورٽس نيوز) سوئٽزرلينڊ جو راجر فيڊرر ۽ برطانيا جو اينڊي مري پيرس ماسٽرز ٽينس ٽورنامينٽ جي ٽئين رائونڊ ۾ پهچي ويا، فرانس ۾ هلندڙ پيرس ماسٽرز ٽينس ٽورنامينٽ جي ٻئين رائونڊ ۾ فيڊرر سخت مقابلي کان پوءِ فرانس جي جرمي چارڊي کي هارايو، سندس اسڪور 7-6،6-7 ۽ 6-4 سيٽ رهيو، ٻئي رائونڊ جي هڪ ٻي ميچ ۾ برطانوي اسٽار اينڊي مري فرانس جي جولين بينيستو کي اسٽريٽ سيٽن ۾ هارائي ٽئين رائونڊ ۾ پهچي ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *