دنيا جون 4 بهترين ٽيمون سيمي فائنلز ۾ پهتيون آهن: ڪيوي ڪوچ

آڪلينڊ(اسپورٽس نيوز)ڪيوي ڪوچ مائيڪ هيسون جو چون آحي ته دنيا جون چار بهترين ٽيمون ئي ورلڊ ڪپ سيمي فائنل  ۾ پهتيون آهن فائنل تائين رسائي جو پهريون دنگل اڱاري تي آڪلينڊ ۾ ميزبان نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ٻن ڏينهن کانپوءِ خميس تي سڊني ۾ آسٽريليا ۽ ڀارت به فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ مهاڏو اٽڪائيندا، ڪيوي ٽيم ڪوارٽر فائنل ۾ ويسٽ انڊيز کي 143 رنسن تان شڪست ڏئي ميگاايونٽ ۾ پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو 9 ميچن تائين وڌائي ڇڏيو هيسون جو چوڻ آهي ته اسان جي ٽيم هن مرحلي تائين پهچڻ جو حق رکي پئي ڇو ته دنيا جون چار بهترين ٽيمون ئي ان جاءِ تائين پهتيون آهن منهنجي خيال ۾ تمام گهٽ ماڻهو منهنجي ان ڳالهه کان اختلاف ڪندا ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم به غير معمولي آهي پر اسان انهن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ٻنهي ٽيمن هينئر تائين سٺي ڪرڪيٽ کيڏي آهي اسان ٽيم طور تمام پراعتماد آهيون اسان جي اوپنر مارٽن گپٽل ويسٽ انڊيز خلاف تاريخي اننگ کيڏندي 237 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ٽرينٽ بولٽ 4 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيو جڏهن ته ويٽوري ساندار جمپ لڳائي بائونڊري لائن تي ناقابل يقين ڪيچ پڪڙيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *