دبئي ٽرائنگيولر ڪرڪيٽ سيريز 8 جنوري کان شروع ٿيندي

دبئي (اسپورٽس نيوز)دبئي ٽرائنگيولر ڪرڪيٽ سيريز 8 جنوري کان شروع ٿيندي جنهن ۾ افغانستان، اسڪاٽ لينڊ ۽ آئر لينڊ جون ٽيمون حصو وٺنديون. سيريز جي پهرين ميچ 8 جنوري تي افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ آءِ سي سي آڪيڊمي، دبئي ۾ کيڏي ويندي. 10 جنوري تي ٻين ميچ ۾ افغانستان ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيت اسٽيديم ۾ آمهون سامهون ٿينديون. سيريز جي ٽين ميچ 12 جنوري تي، چوٿين ميچ 14 جنوري تي پنجين ميچ 17 جنوري تي کيڏي ويندي جڏهن ته سيريز جي ڇهين ۽ آخري ميچ 19 جنوري تي آئرلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ آءِ سي سي اڪيڊم دبئي ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *