خوشقسمت آهيان جو وهاب رياض جي تيز رفتار بالن سان زخمي نه ٿيس: شين واٽسن

ايڊليڊ(اسپورٽس نيوز)آسٽريلين ٽيم جي آل رائونڊر شين واٽسن ڪوارٽر فائنل ۾ وهاب رياض جي تيز رفتار بالنگ جو ديوانو ٿي ويو ۽ قومي ٽيم جي شڪست جي باوجود وهاب رياض جا گيت ڳائيندو رهيو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ شين واٽسن جو چوڻ هو ته وهاب رياض لاءِ دل ۾ ڪابه نفرت ناهي ۽ ان کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو ڪوارٽر فائنل ۾ وهاب رياض جي تيز رفتار بالنگ سامهون زخمي نه ٿيڻ خوشقسمتي آهي ٻئي طرف وهاب رياض جواب ۾ چيو ته ڪوارٽر فائنل ۾ سٺي مقابلي جو مزو آيو ۽ شين واٽسن شاندار بيٽنگ ڪرڻ تي مبارڪ جو مستحق آهي وهاب رياض سيمي فائنل ۾ ڀارت سان مقابلي تي ڪينگروز تيم لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *