جيڪب آباد ڀرسان پٺاڻ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪرڪيٽ راند تان جهيڙو

جيڪب آباد(اسپورٽس نيوز)جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ امان الله خان پٺاڻ ۾ پٺاڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪرڪيٽ جي راند تان جهيڙو ٿي پيو جنهن سبب ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا ڦٽجي پيا، ان سلسلي ۾ صدر پوليس پاران مليل ڄاڻ موجب ته پٺاڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪرڪيٽ راند تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جي نوجوان هڪ ٻئي کي بيٽ ۽ وڪيٽون هڻي مٿا ڦاڙي ڇڏيا ۽ رتو رت ڪري ڇڏيو جن کي علائقي واسين علاج لاءِ اسپتال پهچايو اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي علاج لاءِ ليٽر ڏنو زخمين ۾ جان شير پٺاڻ، طارق پٺاڻ، سعد الله پٺاڻ، نظام پٺاڻ، عبدالقيوم پٺاڻ، دوست محمد پٺاڻ ۽ ممتاز پٺاڻ شامل آهن جڏهن ته هن مهل تائين ڪنهن به ڌر جا ماڻهون ٿاڻي تي فرياد ڪرڻ لاءِ ڪو نه پهتا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *