جيستائين فٽ آهيان ڪرڪيٽ کيڏندو رهندس يونس خان

لاهور(اسپورٽس نيوز) ايندڙ مهيني رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ورلڊڪپ جي اسڪواڊ ۾شامل 15 ڪرڪيٽر ڀرپور تيارين ۾رڌل آهن. ٽريننگ سيشن جي ۾ قومي ٽيم جا سمورا رانديگر پهرين سيشن ۾ فزيڪل فٽنس تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نالي واري مڊ آرڊر بيٽسمين يونس خان چيو آهي ته هو جيستائين فٽ آهي ڪرڪيٽ کيڏندو رهندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان چيو ته مصباح الحق پاران ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ واري فيصلي کي ساراهڻ کپي ۽ کيس ايتري عزت ڏيڻ گهرجي جيتري ان سبب پاڪستان کي ملي آهي. هن چيو ته مصباح الحق ٽيم جي سمورن رانديگرن ۾ ٻڌي پيدا ڪئي،جڏهن ته شاهد آفريدي پڻ پنهنجي دور ۾ ٽيم کي مضبوط ڪيو. يونس خان وڌيڪ چيو ته هو مصباح الحق جي ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرٿيڻ واري فيصلي کي سار اهه جو نظر سان ڏسي ٿو۽سندس رٽائرمنٽ واري ڊسيشن کي تڪراري نه بڻايو وڃي. ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ٽيم جي ڪاميابي جي امڪان واري سوال تي سندس چوڻ هو ته ميگا ايونٽ ۾ ڪابه ٽِيم فيوريٽ نه آهي،جيترا چانس آسٽريليا جا آهن اهڙا امڪان قومي ٽيم جا امڪان آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *