جهڏو ڀرسان درگاهه خاڪي ڀيل جو ميلو جاري

جهڏو (اسپورٽس نيوز) جهڏو ڀرسان درگاهه خاڪي ڀيل جو ميلو جاري، ميلي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جا دلچسپ مقابلا جاري، سانگي ڦرهو جي گل محمد لاشاري جي ڪبوتر ۽ نٻلو ڍڳن ڪريم بخش ڀٽي جي ڍڳن کي ڊوڙ جي مقابلي ۾ هارائي ميلي ۾ موجود هزارين ماڻهن جون دليون کٽيون، جڏهن ته ميلي ۾ جهولن ۽ رنگ برنگي مٺائي دڪانن علائقي جي ڏکن ۽ مصيبتن ۾ ماريل مخلوق کي خوشيءَ ۽ مسرت سان سرشار ڪيو، ميلي ۾ ٻارڙن جي رش جهولن تي گيتن ۽ ٽهڪن جي گونجار پاڻي کوٽ ۽ فصلن جا گهٽ اگهه ملڻ سبب آبادگارن ۽ هارين کي پريشانين کان نجات ڏياري تفريح پهچائي. ميلي ۾ عورتن به درگاهه جي حاضري ڀري دعائن جا ديپ ٻاري ايندڙ مستقبل ۾ علائقي ۾ خوشحاليءَ لاءِ سکائون باسيون. ميلي ۾ آيل علائقي واسين ميڊيا سان ويچار ونڊيندي چيو ته اهڙا ميلا مصيبت ماريل مخلوق کي ڪجهه گهڙين جي خوشي ۽ مسرت مهيا ڪن ٿا، جنهن سبب ورهين جا ٿڪ لهيو وڃن. جڏهن ته ميلي ۾ انتظامي سرگرمي سبب ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو. رابطو ڪرڻ تي پ پ اڳواڻ شاهه جهان شاهه، سيد اصغر شاهه رضوي چيو ته علائقي ۾ معاشي بدحالي سبب ڏڪار واري صورتحال هئي، جنهن ۾ عوام ڪافي ڏکيائين هيٺ آهي، انهن کي خوشيءَ ڏيڻ ۽ روزگار ڏيڻ لاءِ ميلي جو انعقاد ڪيو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *