جنسي ڏاڍائي ڪيس، پوليس روبيل حسين کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) مقامي پوليس بنگلاديشي فاسٽ بالر روبيل حسين کي اداڪاره نازنين اختر هيپي طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي اداڪاره پهريان ئي ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديشي ٽيم جي زبردست ڪارڪردگي تي ڪيس واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو هو انويسٽيگيشن آفيسر حليمان خاتون ڍاڪا ڪورٽ ۾ جاچ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ پوليس جو چوڻ آهي هت اداڪاره طرفان مڙهيل الزامن جي حوالي سان ان کي بالر خلاف ڪوبه ثبوت نه مليو ڪيس جي ٻڌڻي 13 اپريل تي شيڊول آهي ياد رهي ته نازنين گذريل سال 13 ڊسمبر تي ميرپور پوليس اسٽيشن ۾ روبيل تي شادي ڪرڻ جي ڪوڙي واعدي ۽ لاڳاپن تي ڪيس داخل ڪيو هو جنهن جي 2 ڏينهن کان پوءِ ان کي 4 ڏينهن جي ضمانت ملي وئي هئي پر ان ڪيس ۾ 8 جنوري تي ان کي جيل موڪليو يوو هو جنهن کانپوءِ عدالت 11 جنوري تي ٻيهر ان جي ضمانت منظور ڪندي آزادي ڏني هئي جنهن تي هو ورلڊ ڪپ لاءِ آسٽريليا جو سفر ڪري سگهيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *