جارحاڻو انداز رکندڙ آل رائونڊر شاهد خان آفريدي جو 19 سالا سنهري دور ختم

ايڊليڊ(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيڪ جي جارح مزاج آل رائونڊر شاهد خان آفريدي جو ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو 19 سالا سنهري دور عروج ۽ زوال کانپوءِ آخرڪار ختم ٿي ويو بوم بوم جي نالي سان ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سڃاتو ويندڙ شاهد آفريدي پهرين مارچ 1980ع تي خيبرپختونخواهه ۾ پيدا ٿيو ۽ 1996 ۾ ڪينيا خلاف ميچ ۾ هن پنهنجي ڪيريري جي شروعات ڪئي پر ان کان ٻئين ئي ميچ ۾ سرلينڪا خلاف صرف 37 بالن تي سينچري ٺاهي هن تيز ترين سينچري ٺاهڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو جڏهن ته اتي ئي بالرن لاءِ خوف جي علامت بڻجي ويو، شاهد آفريدي جڏهن ڪريز تي ايندو هو ته پاڻ بالرن جو شڪار بڻجندو هو يا وري بالرن کي اهڙو شڪار ڪندو هو جنهن سان شوقين جوش ۾ اچي ويندا هئا، 35 سالا آل رائونڊر 27 ٽيسٽ، 398 ون ڊي ۽ 59 ٽي ٽوئنٽي ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪئي هونئن ته بوم بوم آفريدي هاڻ ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع چئي چڪو آهي پر هو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪندو رهندو پنهنجي ڪيريئر ۾ جتي شاهد آفريدي قومي ٽيم جي قيادت ڪئي اتي ئي هن پابندين ۽ تڪرارن کي به منهن ڏنو دلچسپ 19 سالا ڪيريئر ۾ شاهد آفريدي تي ڪيترائي ڀيرا پابنديون به لڳيون ۽ ان کي گرائوند جي ٻاهران ويهي ميچ ڏسڻ جي سزا به ملي نومبر 2005ع ۾ انگلينڊ خلاف ٻئين ٽيسٽ ۾ پچ کي نقصان پهچائڻ جي الزام ۾ شاهد آفيدي تي هڪ ٽيسٽ ۽ 2 ون ڊي ميچن جي پابندي لڳي 8 فيبروري 2007ع تي هڪ تماشائي طرفان ڌمڪي واري طريقي سان بيٽ الارڻ تي راند کي بدنام ڪرڻ جي الزام ۾ ان کي 4 ون ڊي ميچن ۾ شرڪت کان محروم ڪيو ويو اهو ئي نه 31 جنوري 2010ع تي آسٽريليا ۾ ون ڊي سيريز دوران بال چٻاڙڻ جي الزام ۾ شاهد آفريدي تي 2 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي پابندي لڳائي وئي، اڳوڻي پي سي بي چيئرمين اعجاز بٽ سان به شاهد آفريدي جي نوڪ جهوڪ هڪ عرصي تائين جاري رهي ۽ اڪثر اها لفظي جنگ ميڊيا ۾ به ايندي رهندي هئي جنهن سبب ان کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان به روڪيو ويو شاهد آفريدي 27 ٽيسٽ ميچن جي 48 اننگز ۾ 5 سينچري ۽ 8 هاف سينچرين جي مدد سان 36.51 جي ايوريج سان 1716 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ٽيست ڪرڪيٽ ۾ ان جو سڀ کان وڌيڪ انفرادي اسڪور 156 رهيو جڏهن ته ون ڊي ميچن ۾ بوم بوم آفريدي 397 ميچن ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪندي 23.58 جي ايوريج سان 8 هزار 64 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 6 سينچريون ۽ 39 هاف ففٽيون شامل آهن ۽ آسٽريليا خلاف آخري ميچ ۾ به هن صرف 23 رنسون ٺاهيون، آل رائونڊر بيٽسمين شاندار بالنگ ڪندي ٽيسٽ ميچن ۾ 48 ۽ ون ڊي ميچن ۾ 395 وڪيٽون به حاصل ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *