بوم بوم آفريديءَ بيٽنگ فارم بهتر بڻائڻ لاءِ چئن سالن کان پوءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) بوم بوم آفريديءَ بيٽنگ فارم بهتر بڻائڻ لاءِ چئن سالن کان پوءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو هو، هن گذريل هفتي حبيب بئنڪ طرفان قائد اعظم ٽرائي سلور ليگ جو ميچ کيڏڻ جو اعلان ڪيو هو، پر ذاتي ڪم سانگي بئنڪاڪ وڃڻ ڪري هو ميچ ۾ شريڪ نه ٿي سگھيو هو، حبيب بئنڪ جي اسپورٽس ڊائريڪٽر موجب هن هفتي بهاولپور خلاف ميچ کيڏڻي هئي، پر شاهد آفريديءَ کي بخار ٿي پيو آهي جنهن ڪري هو بينڪ جي ٽيم سان گڏ بهاولپور نه وڃي سگھيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *