بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ اڄ کيڏي ويندي

ميرپور(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻَڌل سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ (اڄ)جمعي تي شيير بنگال نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز کان اڳ کيڏيل ٽور ميچ ۾ ميچ ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ اليون جي ٽيم پاڪستان ٽيم کي هڪ وڪيٽ کان شڪست ڏني. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه بنگلاديش جي دؤري تي آهي جتي هو بنگلاديش خلاف 3 ون ڊي مي، هڪ ٽي 20 ۽ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ شرڪت ڪندي. بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 17 اپريل تي ميرپور، ٻين ميچ 19 اپريل تي ميرپور، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 22 اپريل تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ واحد ٽي 20 ڪرڪيٽ ميچ 24 اپريل تي ساڳي هنڌ کيڏي ويندي. ان کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 28 اپريل کان 2 مئي، جڏهن ته ٻي ۽ آخري ٽيسٽ 6 مئي کان شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *