بنگلاديش ۽ زمبابوي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان شروع ٿيندي

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز)بنگلاديش ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ (سڀاڻي) ڇنڇر واري ڏينهن شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ شروع ٿيندي، تفصيل مطابق زمبابوي جي ٽيم 3 ٽيسٽ ۽ پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ بنگلاديش ۾ موجود آهي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽيسٽ 25 کان 29 آڪٽوبر تائين شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي، ٻي ٽيسٽ 3 کان 7 نومبر تائين جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ 12 کان 16 نومبر تائين چٽاگانگ ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *