بنگلاديش ۽ زمبابوي وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٽين ميچ اڄ کيڏي ويندي

ميرپور(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٽين ميچ (اڄ) اربع ڏينهن تي شير بنگل ه نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي. بنگلاديش جي ٽيم کي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل آهي. بنگلاديشي ٽيم زمبابوي جي ٽيم کي سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 87 رنسن تان شڪست ڏني هئي. جڏهن ته ٻين ميچ ۾ 68 رنسن تان هارائي ڪري سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *