بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ اليون ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽور ميچ اڄ کيڏي ويندي

فتح الله(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ اليون ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽور ميچ (اڄ) اربع تي فتح الله ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه بنگلاديش جي دؤري تي آهي جتي هو بنگلاديش خلاف هڪ ٽور ميچ کان علاوه 3 ڏينهن واري عالمي ميچ، هڪ ٽي 20 ۽ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ شرڪت ڪندي. بنگلاديش ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 17 اپريل تي ميرپور ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ 19 اپريل تي ميرپور ۾، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 22 اپريل تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ واحد ٽي 20 ميچ 24 اپريل تي انهيءَ هنڌ تي کيڏي ويندي. ان کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز پهرين ميچ 28 اپريل کان 2 مئي تائين کلنا ۾ کيڏي ويندي ۽ آخري ميچ 6 مئي تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *