بنگلاديش سيريز، عمر اڪمل ۽ ناصر جمشيد کي ٽيم مان ٻاهر ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي بنگلاديش جي دوري لاءِ ناصر جمشيد ۽ عمل اڪمل کي ٽيم ۾ جاءِ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان جو حتمي فيصلو به جلد ئي ڪيو ويندو، بنگلاديش خلاف ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي 20 سيريزجي اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ سليڪٽرز ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽنهي فارميٽ جي ڪپتانن وچ ۾ ميٽنگ جاري آهي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ چيف سليڪٽر هارون رشيد جي سربراهي ۾ 4 رڪني سليڪشن ڪميٽي جي ميٽنگ قذافي اسٽيڊيم ۾ گذريل 2 ڏينهن کان جاري آهي جنهن دوران بنگلاديش جي دوري دوران اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ذريعن مطابق سليڪشن ڪميٽي نوجوان رانديگرن کي بنگلاديش موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته عمر اڪمل ۽ ناصر جمشيد کي آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي حتمي اسڪواڊ ۾ فواد عالم جي شموليت کي يقيني قرار ڏنو پيو وڃي جڏهن ته نوجوان اوپنر سميع اسلم ۽ بابر اعظم جي شموليت تي به غور ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *