بنگلاديش انگلينڊ کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

ايڊليڊ(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي اهم گروپ ميچ ۾ بنگلاديش دلچسپ مقابلي کانپوءِ انگلينڊ کي 15 رنسن تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آسٽريليا جي شهر ايڊليڊ ۾ کيڏي ويندر ميچ ۾ بنگلاديش مشڪلاتن جي باوجود محمد الله جي سينچري جي مدد سان انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 276 رنسن جو هدف ڏنو جنهن جي جواب ۾ انگلش ٽيم 260 رنسن تي پويلين واپس هلي وئي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جوس بٽلر 65 ۽ بيل 63 رنسن سان نمايان بيٽسمين رهيا جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ معين علي 19، اليڪس هيلز 27، جو روٽ 29، اسٽوئرٽ براڊ 9 جڏهن ته ڪپتان ايئن مورگن، جيمز ٽيلر ۽ ڪرس جورڊن کاتو کولڻ بنا ئي آئوٽ ٿي ويا، بنگلاديش طرفان روبيل حسين 4 جڏهن ته مشرفي مرتضيٰ ۽ تسڪين احمد 2،2 وڪيٽون حاصل ڪيون، ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ تي محمد الله کي مين آف دي ميچ جي اعزاز سان نوازيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *