بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ۾ ڀارت کان شڪست تي مايوسي ٿي: طارق اعواڻ

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ڊائريڪٽر طارق اعواڻ چيو آهي ته ورلڊڪپ جي فائينل ۾ پاڪستان ڀارت خلاف بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو پر بدقسمتي سبب ڪاميابي پاڪستان جو مقدر نه بڻي جنهن تي پوري قوم وانگر اسان کي پڻ مايوسي آهي. سومر ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي طارق اعواڻ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ايونٽ جون فيوريٽ ٽيمون هيون، ليگ ميچ ۾ اسان ڀارت کي هارايو پر فائينل ۾ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو. هن چيو ته فيصلائتي مقابلي ۾ ٽاس هارائڻ جي ڪري اسان کي آلي وڪيٽ تي پهرين بيٽنگ ڪرڻي پئي جنهن جو ڀارت کي فائدو مليو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *