بريڪ ڊانسنگ ورلڊ چيمپيئن شپ روس کٽي ورتي

برلن (اسپورٽس نيوز)جمرني جي برنسوڪ م بريڪ ڊانسنگ ورلڊ چيمپيئن شپ روسي ٽيم کٽي ورتي آهي. سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب 25 هين سالياني بريڪ ڊانسنگ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ روس ۽ ڏکڻ ڪوريا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون. 70 هزار ماڻهن جي موجودگي ۾ ٿيندڙ بريڪ ڊانسنگ جي اهم مقابلي ۾ روسي ٽيم ڏکڻ ڪورين ٽيم کي پوئتي ڇڏي ڏنو. ٻنهي ٽيمن اجتماعي حيثيت ۾ ڪوريوگراف ٿيل ڊانس روٽين تي پرفارمنس ڏيڻ کان علاوه ٽيم ڊانسرز انفرادي ڊانس ۽ ايڪروبيٽس جو پڻ مظاهرو ڪندي ججز ۽ ماڻهن کان ساراهه حاصل ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *