برطانيا جو ٽينس اسٽار اينڊي مري آئس ڪريم وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏي

سنسناٽي (اسپورٽس نيوز) برطانيا جو ٽينس اسٽار اينڊي مري آئس ڪريم وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪجھه ڏينهن اڳ راجرز ڪپ فائنل ۾ نوواڪ جوڪووچ کي هارائيندڙ اينڊي مري هِن وقت سنسناٽي اوپن جي لاءِ اُتي موجود هو، عالمي نمبر 2 ٽينس اسٽار هڪ آئس ڪريم پالر ۾ سيلز مين جو روپ ڌاري مٿي تي وگ هڻي ان مٿان ٽوپي پائي عينڪ پڻ لڳائي هئي، پر ان باوجود سندس اصل شڪل گھڻي بدليل نظر نه آئي. اينڊي مري ان روپ سان پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي به شيئر ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *