برسات قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سکيا کي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي تائين محدود ڪري ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) صوبائي گادي واري شهر ۾ اربع ڏينهن ٿيندڙ برسات قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ورلڊڪپ جي سکيا کي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. قذافي اسٽيديم لاهور ۽ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيدمي ۾ جاري تربيتي ڪيمپ جي ٻئين ڏينهن برسات سبب قذافي اسٽيڊيم جو گرائونڊ رانديگرن جي سکيا لاءِ موزون نه هو جنهن سبب رانديگرن نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ صبح جي وقت جي جيم ۾ سکيا ورتي ۽ ان کان پوءِ انڊور نيٽ پريڪٽس ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *