باصلاحيت رانديگرن جي کيپ تيار ڪرڻ لاءِ ميانواليءَ ۾ اڪيڊمي ٺاهڻ چاهيان ٿو؛ مصباح الحق

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق رٽائرمينٽ کان پوءِ نوجوانن جي ٽريننگ جي لاءِ اڪيڊمي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ هُن ڪوششون به شروع ڪري ڇڏيون آهن، ذريعن موجب مصباح الحق پنجاب جي صوبائي اسيمبليءَ جي اسپيڪر رانا اقبال سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران آف اسپنر سعيد اجمل به ساڻس موجود هو، ملاقات دوران مصباح الحق چيو ته باصلاحيت رانديگرن جي کيپ تيار ڪرڻ لاءِ هو ميانواليءَ ۾ اڪيڊمي ٺاهڻ چاهي ٿو ۽ اسپيڪر کيس ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو، ملاقات دوران سعيد اجمل فيصل آباد ۾ ٺهندڙ پنهنجي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ ۾ پيش ايندڙ مسئلن کان اسپيڪر کي آگاهه ڪيو ۽ شڪايت ڪئي ته زرعي يونيورسٽيءَ ۾ قائم اڪيڊميءَ سان انتظاميا سهڪار نه پئي ڪري، جنهن ڪري کيس ڪيترن ئي مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر شڪايت تي فوري نوٽيس وٺندي زرعي يونيورسٽي فيصل آباد جي وائيس چانسلر کي فون ڪري قومي ڪرڪيٽر سان ڀرپور سهڪار جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *