اڳوڻا ڪرڪيٽر چون ٿا ته ڪجهه الڳ سوچيو ته ڇا عرفان کي اوپننگ ڪرايان: مصباح الحق

آڪلينڊ(اسپورٽس نيوز): قومي ڪرڪيٽ تيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته اڳوڻا ڪرڪيٽر هر هر اهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته ڪڪپتان ڪجهه الڳ سوچي ته انهن کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا مان عرفان کان اوپننگ ڪرايان، آڪلينڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق جو چوڻ هو ته ڏکڻ آفريڪا سان ميچ جي اهميت کان چڱي طرح واف آهيان ۽ نه ٿو چاهيان ته ميچ برسات جي ور چڙهي وڃي ۽ هڪ پوائنٽ ملي، هن جو چوڻ هو ته ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ ۾ وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد کي کيڏائڻ جو اڃان تائين حتمي فيصلو نه ڪيو آهي  مصباح الحق جو چوڻ هو ته محمد عرفان مڪمل فت آهي ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ ۾ حصو وٺندو، پريڪٽس سيشن دوران کڙي ۾ ڌل لڳڻ سبب زخمي ٿيندڙ حارث سهيل جي باري ۾ مصباح الحق جو چوڻ هٿو ته ان جي ميچ کيڏڻ يا نه کيڏڻ جي باري ۾ ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي  قومي ڪرڪيٽ تيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته ڏکڻ آفريڪا هڪ سٺي ٽيم آهي ۽ انهن وٽ بهترين بيٽسمين موجود آهن ڊويليئرز کي رنسون ٺاهڻ کان روڪڻ جو صرف هڪ ئي طريقو آهي ته ان کي جلد آئوٽ ڪيو وڃي هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي بالنگ مضبوط آهي ۽ مون کي ان تي مڪمل اعتماد آحي اسان ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکون ٿا  نه ٿو سمجهان ته آفريدي جي موجودگي ۾ ياسر شاهه کي کيڏائڻ جي ڪا ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *