اينڊي مري پهريون سيٽ 4-6 سان کٽيو

مونٽريال (اسپورٽس نيوز) برطانيا جي اينڊي مري مونٽريال ماسٽرز ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ عالمي نمبر 1 نوواڪ جوڪو وچ کي هارائي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. ڪينيڊا جي شهر مونٽريال ۾ ٿيندڙ فائنل 3 ڪلاڪن تائين جاري رهيو. اينڊي مري پهريون سيٽ 4-6 سان کٽيو، جڏهن ته ٻيون سيٽ نوواڪ جوڪو وچ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ 4-6 سان ڪاميابي ماڻي. ٽئين سيٽ ۾ اينڊي مري جارحاڻي راند جو مظاهو ڪيو ۽ هڪ طرفي مقابلي کان پوءِ سيٽ 3-6 سان کٽي فتح پنهنجي نالي ڪئي. هي 2013ع کان پوءِ اينڊي مري جي نوواڪ جوڪو وچ خلاف پهرين ڪاميابي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *