ايشين گيمز ۾ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ملڪ لاءِ پهريون گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو

انچيون (اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومين 124756ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش کي ايشين گيمز جي فائنل ۾ ۴ رنسن تان شڪست ڏئي نه صرف ڪامياب دفاع ڪيو پر ملڪ لاءِ ايونٽ جو پهريون گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. ڏکڻ ڪوريا جي شهر انچيون ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرره اوورن ۾ ۶ وڪيٽن جي نقصان تي 97 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان بسمعه معروف 24 رنسون ٺاهي نمايان رهي جڏهن ته نين عابدي 18، مرينه اقبال 14 ۽ ڪپتان ثنا مير ۽ ندا ڊار 10، 10 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش بيٽنگ شروع ڪئي ته برسات شروع ٿي جنهن کانپوءِ ميچ ۷ اوورن جو ڪيو ويو جنهن ۾ بنگلاديش ٽيم ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پاڪستان وومين ٽيم ميچ ۴ رنسن تان کٽي ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *