ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل 32 سالن تائين پنهنجي موجوده حيثيت ۾ قائم رهڻ کان پوءِ 30 جون تي ختم ڪئي پئي وڃي

ڪوالالمپور (اسپورٽس نيوز) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل 32 سالن تائين پنهنجي موجوده حيثيت ۾ قائم رهڻ کان پوءِ 30 جون تي ختم ڪئي پئي وڃي. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي آخري گڏجاڻي ڪوالالمپور ۾ سريلنڪن ڪرڪيٽ جي عبوري صدر سداٿ ويٽمني جي صدارت ۾ ٿي. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي هيڊ آفيس 13 سالن کان ڪوالالمپور ۾ آهي، ان جي چيف ايگزيڪيوٽو اشرف الحق موجب مستقبل ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ مقابلن ۾ ميزبان جو فيصلو هاڻي ايشيائي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊن جا چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر گڏيل طور ڪندا. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ختم ڪرڻ کان پوءِ ايشيائي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ جي واڌاري جا منصوبا آءِ سي سي تحت عمل ۾ ايندا ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جا ٻه آفيسر جن ۾ سريلنڪا جو اڳوڻو ڪپتان بنڊولا ورنا پورا به شامل آهي آءِ سي سيءَ جو حصو بڻجي ويندا. اهڙيءَ طرح اقبال سڪندر، وينڪٽا پارٿي راجو، رميش رتنائيڪي ۽ امين الاسلام به ايندڙ سال ڊسمبر تائين آءِ سي سيءَ جي ڊيولپمينٽ آفيسر بڻجندا. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل پنهنجون سرگرميون محدود پئماني تي سنگاپور کان جاري رکندو ۽ پاڪستان جو سلطان رانا ۽ سريلنڪا جو توشيت پريرا سنگاپور ۾ رهندا.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *