ايشين سنوڪر چيمپيئن حمزا اڪبر جي لاهور پهچڻ تي شاندار استقبال

لاهور(اسپورٽس نيوز) : ايشين سنوڪر چيمپيئن حمزه اڪبر ايئرپورٽ کان پنهنجي سنوڪر ڪلب چهتو ته ان جو شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي،ايشين چيمپيئن حمزه اڪبر جو چون هو ته مان ايشين چيمپيئن بڻجڻ تي تمام خوش آهيان، ان چيو ته ڀارت جي رانديگر پنڪج آڏواڻي کي هارائڻ مشڪل هو، پر اڳوڻي ورلڊ چيمپيئن آصف ۽ سينيئرز جي حوصلا  افزائي جي ڪري هي ٽائيٽل حاصل ڪري سگهيس، حمزه اڪبر شڪايت ڪئي ته ان جي ڪاميابي تي حڪومت جي طرفان کان نه ڪو ئي انعام ڏنو ويو ۽ نه ئي حوصلا افزائي جي لاءِ ڪنهن مبارڪ ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *