ايشيا ڪپ 2016ع ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تي کيڏيو ويندو، جنهن ۾ وڌيڪ ٻه ايسوسيئيٽ ٽيمن کي به شريڪ ڪيو ويندو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ 2016ع ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تي کيڏيو ويندو، جنهن ۾ وڌيڪ ٻه ايسوسيئيٽ ٽيمن کي به شريڪ ڪيو ويندو، هيءَ ٽورنامينٽ ڀارت ۾ ٿيندڙ ورلڊ ٽي ٽوئنٽي کان اڳ ٿيندي. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيوٽو اشرف الحق هڪ اسپورٽس ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ انڪشاف ڪيو ته ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ هاڻي هر ٻِن سالن کان پوءِ متبادل فارميٽ موجب کيڏيو ويندو. هڪ ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ۽ هڪ ڀيرو 50 اوورن جي فارميٽ موجب ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته 30 جون تي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽوڙي ويندي، جنهن کان ان جا صرف ٻه ميمبر آءِ سي سي جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪندا. اي سي سي جي ٽٽڻ کان پوءِ اشرف الحق جو ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيوٽو واري 32 سالن واري حيثيت به ختم ٿي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *