انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ پنج ميچن تي ٻڌل سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽِيسٽ 20 تاريخ تي رٿيل

ناٽنگھم (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي فاسٽ بالر اسٽيورٽ براڊ جو چيو آهي ته ٽيم جي سمورن رانديگرن ايشز سيريز جي آخري ٽِيسٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي ۽ هو گهڻو پراميدآهي، سيريز هڪ جي ڀيٽ ۾ چئن ميچن سان پنهنجي نالي ڪندا. انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ پنج ميچن تي ٻڌل سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽِيسٽ 20 تاريخ تي رٿيل آهي. سيريز جي آخري ٽِيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ انگلش ٽيم ڀرپور تياري ۾ رڌل آهي. تيارين واري سلسلي ۾ ٽيم جا سمورن رانديگرن فزيڪل فٽنس بعد نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس ڪئي. فاسٽ بالر اسٽيورٽ براڊ جو چوڻ هوته هو ۽ ٽيم جي سمورا رانديگر گهڻا پراميد آهن ته سيريز ۾کين هڪ جي ڀيٽ چئن ميچن جي سرسي ملندي ۽ هو ان لاءِ ڀرپور تياري ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *