انگلينڊ ڪارڊف ۾ ايشز ٽيسٽ جي پهري ميچ ۾ آسٽريليا کي 169 رنسن سان تاريخي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪارڊف (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪارڊف ۾ ايشز ٽيسٽ جي پهري ميچ ۾ آسٽريليا کي 169 رنسن سان تاريخي شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي ماڻي ورتي آهي. ميچ ۾ فتح لاءِ ميزبان ٽيم آسٽريليا کي 412 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو، پر آسٽريلوي ٽيم چوٿين ڏينهن جي آخري سيشن ۾ 242 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. آسٽريليا طرفان اوپنر ڊيوڊ وارنر ۽ مچل جانسن ففٽيون ٺاهيون، پر پنهنجي ٽيم کي شڪست کان بچائي نه سگيا. ٻي اننگ ۾ آسٽريلوي اوپنر ٽيم کي 19 رنسن جي شروعات ئي ڏئي سگھيا ۽ پهرين اننگ ۾ 95 رنسون ٺاهيندڙ روجرز هين ڀيري صرف 10 رنسون ٺاهي سگھيو. ان کان پوءِ وارنر ۽ سمٿ وچ ۾ 78 رنسن جي ڀائيواري جڙي جنهن کي معين عليءَ ٽوڙيو. عليءَ ففٽي ٺاهيندڙ ڊيوڊ وارنر کي به ايل بي ڊبليو ڪيو. انگلش ٽيم کي ٽين ڪاميابي مانيءَ جي وفقي کان پوءِ ملي جڏهن پهرين اوور ۾ اسٽيورٽ براڊ 33 رنسن تي بيل هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. اڳئي اوور ۾ ايڊم ووگز کي به مارڪ وڊ هڪ رنس تي آئوٽ ڪيو ته آسٽريليا جو اسڪور صرف 106 هو. اسڪور ۾ وڌيڪ 16 رنسن جي واڌ کان پوءِ آسٽريليا جو ڇهون نقصان هيڊن کي آئوٽ ڪري معين ئي پهچايو. شين واٽسن 19 رنسن تي مارڪ وڊ جو شڪار بڻيو. اٺين وڪيٽ تي مچل جانسن ۽ اسٽارڪ 72 رنسن جي ڀائيواري جوڙي جنهن کي روٽ ٽوڙيو ۽ اسٽارڪ سلپ تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. معين هيزل ووڊ کي آئوٽ ڪري آسٽريلوي اننگ جو خاتمو آندو ۽ پنهنجي ٽيم کي سيريز ۾ 1-0 سان سرسي ڏياري

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *