انگلينڊ جي ڀارت خلاف مئچ ۾ رنسن ۽ وڪيٽن جي حساب سان ڪاميابي

برسبين (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ م ڀارت خلاف مئچ ۾ رنسن ۽ وڪيٽن جي حساب سان وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. آسٽريليا ۾ جاري ٽه ملڪي سيريز ۾ اڱاري ڏينهن کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ بهترين بالنگ ۽ بيٽنگ سبب ڀارت کي هارائي ايونٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي. اها انگلينڊ جي ڀارت خلاف رنسن ۽ وڪيٽن جي حساب سان وڏي ڪاميابي آهي. انگلش ٽيم 154 رنسن جو هدف 135 بالن کان پهرين حاصل ڪيو. ان سانگڏوگڏ 9 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. انگلينڊ ان کان پهرين 1982ع ۾ هيڊنگلي ۾ ڀارت کي 9 وڪيٽن تان هارايو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *