انگلينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي، انگلش ٽيم دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف آءِ سي سي ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ جي سلسلي ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي– ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي، انگلش ٽيم ميزبان ٽيم خلاف 2 اضافي ون ڊي ميچن جي سيريز پڻ کيڏندي، آءِ سي سي ويمن چيمپين شپ ۾ هيستائين کيڏيل ميچن کان پوءِ آسٽريلوي ٽيم لاڳيتو 6 ميچون کيڏي پوائنٽن جي ٽيبل تي پهرين نمبر تي آهي، ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 6 مان ٽي ميچون کٽي ٻئين، ويسٽ انڊيز ٽيم 6 مان 3 ميچون کٽي ٽئين ۽ پاڪستان جي ٽيم 6 مان 3 ميچون کٽي چوٿين نمبر تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *