انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڀارتي اڳوڻي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر کي ورلڊ ڪپ 2015 جو سفير مقرر ڪري ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڀارتي اڳوڻي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر کي ورلڊ ڪپ 2015 جو سفير مقرر ڪري ڇڏيو آءِ سي سي سچن ٽنڊوالڪر کي ٻيو ڀيرو ورلڊ ڪپ جو سفير مقرر ڪيو جڏهن ته ان کان اڳ بنگلاديش ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ گڏيل طور تي 2011 ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ جو سفير به سچن ٽنڊوالڪر هو 14 فيبروري کان نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏيل طور تي شروع ٿيندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ سچن ٽنڊوالڪر سفير طور ٽورنامينٽ جي پرچار ڪندو جڏهن ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ميلي کي سڄي دنيا ۾ ٽيون وڏو ايونٽ تصور ڪيو وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *