انٽرنيشنل راندين جي مقابلن جي تياري لاءِ پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ سجاوٽ جو ڪم جاري

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)انٽرنيشنل راندين جي مقابلن جي تيارين لاءِ پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ سجاوٽ جو ڪم تيزي سان جاري آهي، پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ٻڌايو ته پاڪستان اسپورٽس جي ڊائريڪٽر جنرل جي هدايت مطابق ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته ساف ويمن فٽ بال چيمپين شپ ايندڙ مهيني کيڏي ويندي، جنهن جي تياري جي سلسلي ۾ پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس جي جناح اسٽيڊيم علامه اقبال هوٽل سميت ٻين راندين جي جاين ۾ سجاوٽ جو ڪم جاري آهي، هن ٻڌايو ته ساف ويمن فٽ بال چيمپين شپ 11 نومبر کان 11 نومبر تائين جناح اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ 8 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺنديون، جن ۾ پاڪستان سميت ڀارت، بنگلاديش، افغانستان، مالديپ، نيپال، سريلنڪا ۽ ڀوٽان شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *