اظهر علي جي شاندار ڊبل سينچري، خوب داد حاصل ڪيو

ڍاڪا:(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني بئٽسمينن اظهر علي ۽ اسد شفيق جي جارحانه بئٽنگ ڪئي،  جنهن جي نتيجي ۾ ٻئين ٽيسٽ ۾  پاڪستان پنهنجي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏي. پاڪستان 8 وڪيٽن جي نقصان تي 557  رنسون ٺاهيون. پاڪستان پنهنجي  ٻئين ڏينهن 323 رنسن  تان پنهنجي اننگ ٻيهر شروع ڪئي ته شقيب الحسن ڪپتان مصباح الحق جي وڪيٽ ڪيرائي وڌي. ڪپتان رڳو 9 رنسون ٺاهي سگهيو. هن کانپوءِ ڪريز تي اسد شفيق ۽ اظهر علي پنهنجون ذميواري واري بئٽنگ ڪئي. پنجين وڪيٽ لاءِ 207 رنسن جي پارٽنر شپ پاڪستان لاءِ وڏي راهه هموار ڪئي. اظهر علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي ڊبل سينجري اسڪور ڪرڻ کانپوءِ پويلين موٽيو. هن 2 ڇڪن ۽ 20 چڪن جي مدد سان 224 رنسون ٺاهي خوب داد حاصل ڪيو. اسد شفيق 107 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ٻين آئوٽ ٿيڻ وارن رانديگرن ۾ وهاب رياض ۽ ياسر شاهه شامل آهن. جڏهن چانهه جو وقفو ٿيو ته پاڪستان 8 وڪيٽن جي نقصان تي 557 رنسون ٺاهيون ۽ ڪپتان انضمام الحق اننگ ڊڪليئر ڪرڻ جو  اعلان ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *