اسپين ۾ ’ميلون‘ دوران گھٽين ۾ ڏاندن اڳيان ڊوڙندڙ خطرناڪ راند ۾ 7 ڄڻا جان تان هٿ ڌوئي ويٺا

ميڊرڊ (اسپورٽس نيوز) سڄي اسپين ۾ ’ميلون‘ دوران گھٽين ۾ ڏاندن اڳيان ڊوڙندڙ خطرناڪ راند ۾ 7 ڄڻا جان تان هٿ ڌوئي ويٺا. جولاءِ کان شروع ٿيندڙ ان فيسٽيول ۾ هيل تائين سَت ڄڻا مارجي چڪا آهن، چار موت گذريل هفتي دوران ٿيا ۽ ايتري ئي وقت ۾ ٿيندڙ موتن جو هڪ غير معمولي واقعو آهي. مارجي ويلن ۾ هڪ ڪائونسلر به شامل آهي جيڪو ميڊرڊ جي اتر ۾ واقع علائقي ڊولڊ ۾ ڏاند جو سنڱ لڳڻ ڪري مارجي ويو. ان کان سواءِ نوارا جي علائقي ۾ ڏاند 18 سالن جي نوجوان کي پيٽ ۾ سنڱ هڻي ماري وڌو هو. ان سان گڏوگڏ ويلنشيا، مرشيا، توليڊو، ڪيسٽيلون ۽ ايلي ڪينٽ جي علائقن ۾ به فيسٽيول دوران موت واقع ٿيا. گذريل سال بُل فائيٽرن 7 هزار 200 کان وڌيڪ ڏاندن کي ماريو هو. اڃا به ملڪ ۾ سالياني بنياد تي لڳ ڀڳ ٻه هزار فل فائيٽون ٿيڻيون آهن، پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان انگ ۾ گھٽتائي اچي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *