اسپيني فٽبال ڪلب بارسلونا جي ٽيم چئن سالن جي وقفي کان پوءِ يورپي چيمپئنز ليگ مقابلن جي فائنل ۾ پهچڻ ۾ڪامياب وئي آهي

ميونخ (اسپورٽس نيوز) اسپيني فٽبال ڪلب بارسلونا جي ٽيم چئن سالن جي وقفي کان پوءِ يورپي چيمپئنز ليگ مقابلن جي فائنل ۾ پهچڻ ۾ڪامياب وئي آهي. بارسلونا کي اڱاري ڏينهن جرمنيءَ ۾ بائرن ميونخ خلاف سيمي فائنل جي ٻئي مرحلي ۾ شڪست ملي هئي، پر هو ٻنهي مرحلن ۾ گھڻا گول ڪرڻ جي بنياد تي فائنل ۾ پهتي. هي 2011ع کان پوءِ پهريون موقعو آهي جڏهن بارسلونا چيمپئنز ليگ جو فائنل کيڏندي. 6 جون تي برلن ۾ ٿيندڙ فائنل ۾ ان جو مقابلو روايتي مخالف ۽ دفاعي چيمپئن ريال ميڊرڊ يا اطالوي ڪلب يووينٽس سان ٿيندو، جيڪي اربع تي ٻئي سيمي فائنل ۾ آمهون سامهون ٿيندا. ميونخ ۾ اڱاري جي رات کيڏيل ميچ ۾ مقامي سائيڊ بائرن ميونخ ٻِن جي مقابلي ٽِن گولن سان ميچ کٽي پهرين ليگ ۾ 3-0 جي شسڪت جي ڪري هو گولن جي فرق تي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي وئي. بائرن طرفان پهريون گول ميدهي بيناتيا ميچ جي ستين منٽ ۾ ڪري ڇڏيو، پر اٺين منٽ کان پوءِ بارسلونا جي برازيلي اسٽرائيڪر نيمار لوئي سواريز جي پاس تي گول ڪري ميچ برابر ڪئي. نيمار 29 هين منٽ ۾ هڪ ٻيو گول ڪري بارسلونا کي سرسي ڏياري جيڪا پهرين هاف جي پڄاڻيءَ تائين رهي. ٻئي هاف ۾ بائرن طرفان رابرٽ ليوندوسڪي ۽ ٽامس ملر وڌيڪ ٻه گول ڪيا ۽ پنهنجي ٽيم کي ميچ ۾ فتح ڏياري، پر ان کي فائنل تائين پچائڻ ۾ ناڪام ويا. بارسلونا جي ٽيم 2006، 2009 ۽ 2011ع ۾ گذريل ٽِن موقعن تي جڏهن به چيمپئنز ليگ جي فائنل پهچي فتحياب رهي. 2015ع ۾ بارسلونا اسپيني فٽبال جي ٻِن مرڪزي ٽورنامينٽن لاليگا ۽ ڪوپا ڊيل ري کٽي چڪي آهي ۽ چيمپئنز ليگ ۾ فتح جي صورت ۾ ”ٽريبل“ مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *