آفريدي کي پاڪستان جو چوٿون ۽ دنيا جو 27هون بيٽسمين بڻجڻ لاءِ 30 رنسون گهربل

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) اسٽار آل رائونڊر شاهد خان آفريدي کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڪيريئر جون 8 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 30 رنسون گهربل اهن. هو اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ پاڪستان جو چوٿون ۽ دنيا جون 27هون بيٽسمين بڻجي ويندو. ان ڳالهه جو به امڪان آهي ته آفريدي (اڄ) ڇنڇر تي شيڊول ميچ ۾ اهو اعزاز حاصل ڪندو. پاسڪتان طرفان ون ڊي ميچ ميچن ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو اعزاز انضام الحق کي حاصل آهي. هن 11739 رنسون ٺاهيون آهن، محمد يوسف 9720 رنسون ٺاهي ٻ؟ي ۽ سعيد انور 8824 رنسون ٺاهي ٽئين نمبر تي موجود آهن. آفريدي 19 سالن جي ڪيريئر دوران 392 ميچون کيڏي 7970 رنسون ٺاهيون آهن، جن ۾ 6 سينچريون 39 اڌ سينچريون شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *